اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ??هي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آ??ي. ??پريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چيف جسٽس چيو ??ه سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي اڪثريت جو آهي. فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو ????ي. ??پريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعوا?? ۽ ??ي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ??ه اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آ??ي. ??پريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ??ه پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ ??ي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ??ري?? سپريم ڪورٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.
متعلقہ مضامین
-
Faysal Bank reports H1 2025 financial results
-
Senate body voices concern over poor telecom services
-
Pakistan issues visas to Indian pilgrims for Katas Raj visit
-
Jiaduobao الیکٹرانکس کی سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ
-
Shanshui Scenery Entertainment - قدرت اور تفریح کا حسین امتزاج
-
PTI-N registered as new political party
-
Palejo appeals to citizens of Sindh to reject Kalabagh dam project
-
Pakistan will never allow anyone to use its soil for violence
-
FBR to move LHC against Jahangir Tareen
-
Time magazine names US President-elect Trump Person of the Year
-
Residents take to streets for share in Tarbela Hydropower Project royalty
-
Panama leaks case: Maryam Nawaz submits reply